رس ڪپور

رس ڪپور: رس ڪپور هڪڙو پسارڪو وکر آهي، جيڪو پاري ۽ ڪافور مان زهريلي دوا طور ٺهندو آهي. هن کي پاري جو جلاب به چوندا آهن. رس ڪپور، سونارا سون جي ڦوٽڳ يعني سون جي ذرن کي هڪ جاءِ تي ڪرڻ ۾ ڪم آڻيندا آهن. جڏهن سون کي ڪنگڻ کار (سون کي ڳاريندڙ کار) جي چڪر ۾ وجھبو آهي ته ان وقت سونارا رس ڪپور به استعمال ڪندا آهن، جنهن سان سون ڪوٺاريءَ وغيره ۾ نه چنبڙندو آهي، نه ئي وري ان جا ذرا ڪٿي ضايع ٿيندا آهن.


لفظ رس ڪپورھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو